رپورٽ : ويب ڊيسڪ : لاهور: انسان سفر لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪندو آهي جنهن ۾ ڪار، موٽرسائيڪل، رڪشا، بس، هوائي جهاز ۽ ٻيون شيون شامل آهن ڪجهه ڏينهن اڳ ويسپا ڪمپني مارڪيٽ ۾ هڪ ٻيو پراڊڪٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن پنهنجي اعلان سان گڏ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي اسڪوٽر جي ڳالهه ڪئي وڃي ته جنهن ڪمپني جو نالو سڀ کان پهريان ذهن ۾ ايندو آهي اهو ويسپا آهي جنهن پنهنجو پهريون اليڪٽرڪ اسڪوٽر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو اسڪوٽر بنا پيٽرول جي ٦۲ ميل يا ۱۰۰ ڪلوميٽرن تائين سفر ڪرڻ جي صلاحيت ٿو اهڙي طرح ان جو هڪ هائيبرڊ ورزن به موجود هوندو جنهن ۾ گيس تي هلندڙ جنريٽر اسڪوٽر کي ۱۲۴ ميل تائين سفر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ڪمپني گذريل سال بجلي سان هلندڙ اسڪوٽر جي تياري جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ ان کي اٽلي ۾ جاري ميلان موٽرسائيڪل شور ۾ پيش ڪيو ويو.
ويسپا ڪمپني پاران پهريون اليڪٽرڪ اسڪوٽر متعارف
Related Posts
وزيراعظم کي انتظامي نه سھي، انساني همدردي طور ئي ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي: ناصر شاهه
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات ، مڪاني ادارن ،...
نيب شاهد خاقان عباسي جي زبان بند ڪرائڻ لاءِ ريفرنس ٺاهيو:سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڪراچي(اسٽاف رپورتر): سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته شاهد خاقان...
واٽس اپ اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ گروپ آڊيو ۽ وَڊيو ڪال وارو فيچر متعارف
لنڊن(م ڊ) واٽس اپ اينڊرائيڊ ۽ آءِ فون استعمال ڪندڙ...