ويزا شرطن ۾ نرمي، پاڪستاني واپاري وفد 12 سالن بعد بنگلاديش پهچي ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين لاءِ ويزا شرطن جي نرمي کانپوءِ پاڪستاني واپاري وفد 12 سالن کانپوءِ بنگلاديش پهچي ويو.
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عارف اسلم شيخ جي صدارت ۾ ويندڙ وفد ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 35 کان وڌيڪ برآمد ڪندڙ ۽ صنعتڪار شامل آهن.
پاڪستاني وفد بنگلاديش جي واپار واري وزير بشير الدين سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته وفد بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس سان به ملاقات ڪندو.
فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عاطف اسلم شيخ موجب بنگلاديش جي واپار واري وزير پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي ترجيح ڏيڻ جو چيو آهي.
هوڏانهن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سينيئر نائب صدر ثاقب مگون چيو ته پاڪستانين لاءِ ويزا شرطن ۾ نرمي جي آجيان ڪيون ٿا، پاڪستان به بنگلاديش لاءِ ويزا شرطن ۾ نرمي ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *