ويزا بابت اسان جي پاليسي واضح آهي، ايئرپورٽ تان ماڻهن کي واپس موڪليو ويو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اڄ طارقي فاطميءَ سان به رابطو ڪيو آهي، ڪو به مسلمان گستاخيءَ تي ٻڌل صفحن کي ڏسي ئي نه ٿو سگھي، سڀني مسلمان ملڪن ۾ اهو معاملو اٿندو ته ان جا بهتر نتيجا نڪرندا، طارق فاطميءَ کي چيو آهي ته هو ملسمان ملڪن سان رابطو ڪري، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان جو چوڻ اها اظهار جي آزادي آهي ته اسان جي پاڪ هستين خلاف خراب ترين حرڪت؟ توهين آميز مواد بابت سخت ترين قدم کڻڻ جي لاءِ به تيار آهيون، هي سلسلو 201ع کان جاري آهي، ان ۾ چند مهينن دوران تيزي آئي آهي، جڏهن سڀ مسلمان گڏ ٿي ڳالهائينداسين تڏهن پرڏيهي ڪمپنين کي صحيح پيغام ويندو، قوم کي اپيل آهي ته جوش سان گڏوگڏ هوش کي به نظر ۾ رکيو وڃي، هولو ڪاسٽ بابت شڪ جو اظهار ڪرڻ به ڏوهه آهي، ايف آءِ اي کي ليگل ڪائونسل جي لاءِ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، اسين چاهيون ٿا ته مسلمان ملڪ توهين آميز مواد جي معاملي اسان جو ساٿ ڏين، اسان ڪنهن کي به غلط طور ويزا ناهي ڏني، ويزا جاري ڪرڻ تي اسان جي پاليسي بلڪل واضح آهي ايئرپورٽ تان ماڻهن کي واپس موڪليو ويو.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *