ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي لاءِ ميدان ۾ نڪرنداسين: نواز شريف

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سازش عنصر عوام کي 2018ع جي چونڊن ۾ جواب ڏيندا، جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي لاءِ ميدان تي نڪرنداسين. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جاتي امرا ۾ مسلم ليگ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته سازشي عنصرن کي عوام 2018ع جي چونڊن ۾ جواب ڏيندو، عوامي رابطا مهم ۾ تيزي آندي ويندي جنهن لاءِ ليگي ڪارڪن متحرڪ ٿي وڃن، ن ليگ ڪارڪن تيار ٿي وڃن سڄي ملڪ ۾ جلسا ۽ جلوس ڪيا ويندا. هن چيو ته مسلم ليگ ن ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جي تقدس ۽ عدل جي بحالي لاءِ ميدان ۾ لهندي جڏن ته کوکلا نعرا هڻندڙ اسان جي ترقياتي ڪمن جو مقابلو ڪري ڏيکارين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *