اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان ايندڙ 10 ڏينهن دوران وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. وزيراعظم عمران خان سينئر اينڪر پرسنن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي نفرت پکيڙڻ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ نفرت جوڳي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ئي ڪرتارپور سرحد کولي، ڪرتارپور سرحد کولڻ جو مقصد ڪنهن کي دوکو نه ڏيڻ هو، جڏهن ته ڪرتارپور راهدي گگلي نه هڪ سڌو فيصلو آهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي اسان جي دلچسپي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ وقت اڳ چونڊون ٿين، جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ وزارتن ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، مان ڪڏهن به اقربا پروري نه ڪئي آهي، زلفي بخاري جي معاملي تي من پسندي جي رمارڪس تي افسوس ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته رپئي جي ڪرندڙ ملهه جي ميڊيا ذريعي خبر پئي، پهريون به ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو اضافو ٿيو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي، اسٽيٽ بئنڪ اسان کان پڇڻ کانسواءِ رپيه جي ملهه ۾ گهٽتائي ڪئي پر هاڻي ميڪنزم بڻائي رهيا آهيون ته اسٽيٽ بئنڪ ذاتي طور ڊالر جي قيمت ۾ اضافو نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ تي سخت قانون لاڳو ڪري رهيا آهيون، وڏا وڏا ماڻهو سامهون اچڻ کان ڊڄي رهيا آهن، گوسلو پاليسي وارن آفيسرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مخالف ڌر گڏ نه ٿي هلڻ چاهي ته نه هلي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين ٿيڻ نه ڏنو ويندو.