وقت اچڻ تي سياسي جماعتن کي اوڻيهه ترميم تي نظرثاني ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(م ڊ): پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته 18هين آئيني ترميم سان عوام کي تعليم، فيئر ٽرائل، معلومات تائين پهچ جا آئيني حق دستياب آهن، اهي حق پهرين آئين ۾ شامل نه هئا.لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته 18هين ترميم جي تحت صدر جا سڀئي اختيار وزيراعظم کي ۽ وفاق کي وڌيڪ اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا، 18هين ترميم ۾ ججن جي تقرري جو اختيار پهرين ڀيرو پارليامينٽ کي ڏنو ويو.هن چيو ته هن وقت حڪومت کي بليڪ ميل ڪري 19هين ترميم ڪرائي وئي، وقت اچڻ تي سياسي جماعتن کي 19هين ترميم تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي سڀني صوبن جو اتفاق راءِ هڪ تاريخي واقعو هو.پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته اهو وڏو فرق آهي ته چونڊيل ماڻهن جي نسبت وفاقي بيورو ڪريسي وڌيڪ سمجهدار آهي. 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ ۾ مزدورن کي انهن جا سڀئي حق ڏنا ويا. ليبر لاز جي حوالي سان پنجاب حڪومت سنڌ حڪومت کان تمام گهڻو پوئتي آهي. مفت هيلٿ ڪيئر ۾ به سنڌ سڀني صوبن کان اڳيان آهي، اسان سنڌ ۾ هيلٿ ڪيئر تي سڀ کان وڏي سرمائيڪاري ڪئي.بلاول چيو ته عدالتي حڪم باوجود وفاقي حڪومت سنڌ جي صحت جا ادارا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، وفاقي حڪومت کي صحت تي سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ناهي، وفاقي بيورو ڪريٽس صرف قرضن جي ادائگي ۽ ڊفينس خرچ تي سرمائيڪاري کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪرڻ چاهين، وفاقي بيورو ڪريٽس تعليم ۽ صحت تي سرمائيڪاري جي لاءِ هرگز تيار ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *