ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم تحت وفاقي حڪومت پنهنجا فنڪشن، ڊويزن ۽ وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اها ننڍن صوبن سان نااصافي آهي ۽ ان سان احساس محروميءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن اها ڳالهه ڊيوليويشن پروسيس واري سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽيءَ جي وفد جنهن جي اڳواڻي سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي ڪري رهيو هو، جيڪو ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي سان ملاقات دوران ڪئي. وفد جي ٻين ميمبر ۾ نوابزاده شفيع الله مگسي، طاهر مشهدي، تاج حيدر، عطاءُالرحمان، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سعيد غني ۽ ٻيا شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وفاقي حڪومت يڪراءِ طور 18هين ترميم پاس ڪئي هئي، جنهن ۾ سمورين پارلياماني قوتن ۽ پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو. وفاقي حڪومت کي اصولي طور تي سمورين 18 وزارتن جا فنڪشن، پاور ۽ اثاثا منتقل ڪرڻا هئا. هن چيو ته انهن کي منتقل نه ڪرڻ سان ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندو. وڏي وزير چيو ته متروقه وقف ٽرسٽ کي بهبود آبادي کاتي کي فنڊز جاري ڪرڻ، ڊائريڪٽر آف ويئر هائوس جي منتقلي ۽ سپلائيز ۽ نيشنل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف فرٽلائيز ڪراچي، نيشنل ڪوچنگ سينٽر جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ کان منتقلي، اِي او بي آءِ جي ڊيوليوشن، ورڪرز ويلفيئر فنڊ، صوبن جي او اِي سي پي ۽ او پي ايف، وفاقي ادارن ۾ صوبائي نمائندگي، فشريز سان لاڳاپيل ادارن / آفيسن جي منتقلي، هائير ايجوڪيشن بابت معاملا ۽ اهڙا طرح جا ڪيترا ئي معاملا التويٰ هيٺ آهن. هن چيو ته اسان هميشه ان حوالي سان آواز اٿاري آهي، خط ۽ نوٽ لکيا پر ڪنهن جي مٿي تي جُوءِ به چري. هن اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽ ڪميٽي ننڍن صوبن جو ڪيس وڙهندي. ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهيءَ سنڌ وڏي وزير جي دليل جي حمايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت 18 وزارتن جي منتقليءَ بدران وڌيڪ 12 وزارتون جوڙي ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته اسان بلوچستان، خيبر پختون خواهه جي وڏن وزيرن سان اجلاس منعقد ڪيا آهن ۽ هاڻي اوهان (سنڌ جي وڏي وزير) جي سان گڏجاڻي ڪري رهيا آهيون ۽ سمورن وڏن وزير اهڙي قسم جي تحفظن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي آهي ته ڊيوليوشن جي مسئلي تي سمورن صوبن جو موقف هڪ جهڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيف سيڪرٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ مون کي ڊيوليوشن جي مسئلي ۽ صوبائي حڪومت جي تحفظن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني آهي ۽ هن سنڌ جو ڪيس تمام سٺي ريت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته اوهان جو ڪيس وڏو مضبوط آهي ۽ اسان هن مسئلي کي وفاقي حڪومت وٽ اٿارينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ننڍن صوبن جي وفاق ۾ آواز بڻجڻ تي سينيٽ ڪميٽيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ اُميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪاوشن جا سٺا نتيجا نڪرندا. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. ڪراچي جي خانگي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي جو سڀ کان وڏو مسئلو ڊاڪٽرن جو نه هجڻ آهي. ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مخصوص قدم کڻي رهيا آهيون. جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ 9 هزار ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڊاڪٽرن جي چونڊ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. ڊيم اتي ٺاهبا آهن، جتي پاڻي گهڻو هجي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نامزد گورنر جسٽس (رٽائرڊ) سعيد الزمان صديقيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ سندس سنڌ جو گورنر نامزد ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون. هن جسٽس (رٽائرڊ) سعيد الزمان صديقيءَ کي گلدستو پيش ڪيو ۽ هن جي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان وارين خدمتن کي ساراهيو، سندس پي ايس او تحت حلف نه کڻڻ جي به تعريف ڪئي. سيد مراد علي شاهه اُميد ظاهر ڪئي ته جسٽس (رٽائرڊ) سعيد الزمان صديقي انهيءَ جذبي سان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو، جهڙي ريت هن چيف جسٽس آف پاڪستان جي طور تي ڪئي. نامزد گورنر جسٽس (رٽائرڊ) سعيد الزمان صديقيءَ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا ٿوارا مڃيا ۽ صوبي ۾ گوڊ گورنرس جي قيام ۽ ادارن جي ترقي بابت سندس ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي. انهيءَ کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سبڪدوش ٿيندڙ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر عشرت العباد جي گورنر واري حيثت ۾ خدمتن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته گورنر سنڌ صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر عشرت العباد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران نيڪ خواهش جو اظهار ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا.