وفاق ۽ صوبي ۾ بي اي پي جو تحريڪ انصاف سان اتحاد

اسلام آباد (بيورو) بلوچستان عوامي پارٽي وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ بلوچستان لاءِ وڏي وزير جي اميدوار ڄام ڪمال کي ووٽ ڏيندي. اسلام آباد ۾ بي اي پي سربراهه ڄام ڪمال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان گڏ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وفاق ۾ غير مشروط حمايت ڪنداسين، بي اي پي بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ وفاق ۾ جنهن پارٽي سان گڏجي هلي سگهي ٿي، اها پي ٽي آءِ آهي. تحريڪ انصاف ۽ بي اي پي جي نظرئي ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون گڏيل آهن، اسان بلوچستان جي ترقي لاءِ پي ٽي آءِ سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته بي اي پي طرفان حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورائتا آهيون، پي ٽي آءِ بلوچستان ۾ بي اي پي سان گڏجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته بي اي پي کي اڪثريت حاصل ٿي آهي، تنهن ڪري اها وڏ وزارت جي حقدار آهي.2

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *