وفاق ڪورونا سان لکين ماڻهو مارائڻ چاهي ٿو: عذرا پيچوهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته وفاق چاهي ٿو ڪورونا سان لکن جي انگ ۾ ماڻهو مرن.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته وزيراعظم چئي ٿو ”ڪورونا سي ڊرنا نهين لڙنا هي“، ائين وڙهنداسين ڪورونا سان؟هن چيو ته 13 مئي کانپوءِ جهڙي ريت لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، هاڻ ان جو نتيجو تمام خراب اچي رهيو آهي، هاڻ صورتحال اسان جي هٿن مان نڪري رهي آهي، حقيقت اها آهي ته هر گهر مان مريض نڪري رهيو آهي، اسان وٽ اسپتالن ۾ بسترا گهٽجي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ڪوئي چاهي ٿو ته لکين ماڻهو ڪورونا سان مري وڃن، وزيراعظم 50 ماڻهن سان گڏجي اجلاس ڪري ٿو، چئي ٿو ته ڪورونا هڪ قسم جو زڪام آهي، ماڻهو مکين وانگر مري ويندا ته ڇا ڪبو معيشت جو؟عذرا پيچوهو چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي حفاظتي سامان تائين نه ڏنو، وفاقي حڪومت ڪورونا کي مذاق سمجهو آهي، اسان بحران ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ وقت هٿن مان نڪري رهيو آهي، مريض اسپتالن ۾ ڳوليندا رهندا بيڊ نه ملندو، هي اهو ئي چاهين ٿا ته لکين ماڻهو مرن، سنڌ حڪومت چوندي رهي ته لاڪ ڊائون ڪيو وڃي پر نه انهن نه ڪيو.هن چيو ته سنڌ ۾ 19 ليبارٽريون ڪورونا ٽيسٽون ڪري رهيون آهن، مريضن جي علاج لاءِ نجي اسپتالن مان معاهدا ڪيا ويا آهن، ٽيلي هيلٿ جو نظام قائم ڪيو آهي، ايمبولينس سروسز ۽ اسپتالن وچ ۾ رابطي جو ڪم به ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ايئرپورٽ تي صحت کاتي جو عملو مقرر ڪيو ويو آهي، مسافرن جي ٽيسٽ سان گڏوگڏ انهن تي نظر به رکي پئي وڃي، جڏهن ته گهرن ۾ موجود مريضن کي ٽيليفون تي مشورا ڏنا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *