وفاق ڊبلو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آءِ جو انتظامي ڪنٽرول اثاثن سميت سنڌ جي حوالي ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان طرفان 11 ڊسمبر 2019 تي گهرايل سي سي آءِ اجلاس جي حوالي سان تياري اجلاس جي صدارت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير ايجنڊا جو جائزو ورتو ۽ محڪمي بين الصوبائي رابطه(آءِ پي سي) کي هدايت ڪئي آهي ته هو اجلاس جي لاءِ لاڳاپيل سمورين سمرين جو انتظام  ڪري ۽ سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪري وٺي. ته جيئن هو ان اهم اشوز 1991  ۾ پاڻي جو معاهدو، انرجي پاليسي، ايف بي آر طرفان صوبائي کاتي ايڪسائيز جي اڪائونٽ مان سڌو سنئون ڪٽوتي ڪيل ودهه هولڊنگ ٽيڪس جي واپسي سميت ٻين مسئلن تي پنهنجي حڪومت جو اعتراض پيش ڪري سگهي.ارسا آڪٽوبر 2019 ۾ چشمه جهلم لنڪ ڪينال تي واقع 25 ميگاواٽ جي هائڊرو پاور پروجيڪٽ  هڻڻ جي لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت جو اعتراض اهو آهي ته ارسا اهڙي طرح جي اين او سي جاري ڪرڻ جي مجاز ناهي ان ڪري اهو معاملو سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ڪو مستقل ڪينال ناهي پر هي ته فلڊ ڪينال به ناهي ڇو ته ان ۾ پورو سال پاڻي  جو وهڪرو نه هوندو آهي. جڏهن ته 1991ع جي پاڻي معاهدي ۾  جڏهن ان لاءِ پاڻي مختص نه ڪيو ويو ته ڪهڙي طرح هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اتي هڻي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *