ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آءِ جي سنڌ جي تبديلي ۾ دير ۽ حصي جو پاڻي نه ملڻ تي وفاق تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي ٽيم رکڻ جو حق آهي، ڇا سنڌ اڃا ڪالوني آهي جو پنهنجي ڪم لاءِ به ٻين ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو. اهڙو اظهار پ پ چيئرمين ڌاٻيجي ۾ پمپ هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته هي منصوبو انتهائي اهم آهي، جنهن سان پاڻي فراهمي ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي. پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، ارسا يا ڪنهن ٻي صورت ۾ پڇڙيءَ جي ماڻهن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪا حڪومت ڀارت خلاف پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچڻ تي آواز اٿاري رهي آهي، اُها ئي سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏئي. سنڌ جي عوام جي سپورٽ جي ضرورت آهي ته جيئن وفاق کان حصي جو پاڻي وٺي سگهون. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير اسيمبلي جي فلور تي اعتراف ڪيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، پر اڃا تائين اُن چوريءَ کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا آهن. خطاب دوران بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته توهان پنهنجو ڪم جاري رکو، ڪٺ پُتلي حڪومت پاڻهي ڪري ڪري پوندي. سليڪٽرز جنهن وزيراعظم کي آندو آهي، اُن جي پاليسيز ۾ 2 پاڪستان نظر اچي رهيا آهن. نااهل ۽ نالائق حڪومت جي پاليسي جي ڪري گئس، بجلي ۽ اٽي جو بحران سنگين ٿي ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آءِ جي سنڌ ڪليم امام واري معاملي تي به ڳالهايو ۽ پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته ڇا سنڌ اڃا ڪالوني آهي جو پنهنجي ڪم لاءِ به ٻئي ڏانهن ڏسڻو پوي ٿو، پنجاب جو آءِ جي سنڌ چپٽي وڄائڻ سان تبديل ٿي وڃي ٿو، پر هن معاملي ۾ به سنڌ لاءِ قانون الڳ آهي. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي صوبي جو عوام ناراض آهي، وڏي وزير کي پنهنجي ٽيم رکڻ جو حق هجڻ گهرجي. وفاق کي گهرجي ته سنڌ ۾ آءِ جي مقرريءَ واري معاملي ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪري.