ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته بلاول ڀٽو ادارن ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙن کي للڪاري رهيو آهي. وفاق جي پاليسين ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ ميڊيا سيل ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته وفاق جي پاليسين ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان مشرف جي چمچاگري لاءِ سياست ۾ آيو. سنڌ جي عوام گهوٽڪي جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته کين بلاول ڀٽو جي جدوجهد تي فخر آهي. نثار کهڙو چيو ته سپريم ڪورٽ جي سزا ڏسي نواز شريف آمر سان ڊيل ڪئي هئي ته هو سياست ۾ 10 سالن تائين حصو نه وٺندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڻمرادو اڳواڻ ٿيل ليڊر ڪارڪنن کي پوليس هٿان مارائي ۽ گرفتار ڪرائي رهيو آهي ۽ پاڻ گهر مان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اڳواڻ اهو هوندو آهي، جيڪو عوام جي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪري، پيپلزپارٽي پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي اهڙو مثال پيدا ڪيو آهي. پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ پنهنجي ليڊرشپ کان مايوس ٿي اسان سان گڏ آيا آهن.