ڪراچي(م ڊ) وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دهشتگرد جي هلندڙ واقعن کان پوءِ ٻاهرين ايجنڊي تحت ڪم ڪندڙ پابندي مڙهيل گروپن خلاف سخت ترين آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خابرو اداري موجب وفاقي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا عبدالغفور حيدري تي ٿيل حملي ۽ گوادر ۾ مزدورن جي قتل جي واقعن ان پوءِ وفاقي جي اعليٰ ڌرين ۾ ان صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ صوبي جي هلندڙ سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. سيڪيورٽي ادارن وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ته واقعن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ۽ ان جي ايجنڊي تي ڪم ڪندڙ پابندي مڙهيل پارٽيون ملوث ٿي سگهن ٿيون. انهن واقعن جو مقصد سي پيڪ منصوبي کي تار تار ڪرڻ جي ڪوشش آهي.