وفاق اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي کي نقصان ڏيندڙ ادارو بڻائي ڇڏيو: مراد علي شاهه

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ڪابينا پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ لاکڙا ڪول پاور پلانٽ کي خانگائڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ڇڏي جڏهن ته وڏي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسٽيل ملز کي خانگايو ويو ته ان جي زمين سنڌ حڪومت کي ملندي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو،  وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جا ملازمن پگهارن جي عدم ادائيگي جي فاقاڪشي جو شڪار آهن. وفاقي حڪومت اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي کي نقصان ڏيندڙ ادارو بڻائي ڇڏيو آهي.  هن چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ لاکڙا فائر پاور پلانٽ جي ورڪرن جي مفادن جو تحفظ ڪري، سنڌ حڪومت ان کي خانگائڻ خلاف احتجاج ڪندي.  ان کان سواءِ سنڌ ڪابينا سرڪاري يونيورسٽين سان لاڳاپيل نئين قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته نئين قانون جي تحت وائس چانسلر، ڊين ۽ پرو وائس چانسلر جي مقرري وڏو وزير ڪندو ۽ گورنر چانسلر طور اعزازي ڊگريون ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *