وفاقي ڪابينا 100 ڏينهن جي پلان تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا 100 ڏينهن جي عملدرآمد پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران  حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان تي وزارتن ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا ۾ 8 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪابينا گلگت بلتستان ۾ سڌارن جي معاملي تي به غور ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ معاشي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ڪابينا پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ ۽ لاٽنگ جي واڌ جي مرحلي جي منظوري به ڏني، واپار واري وزارت جي نئين نيشنل ٽيرف پاليسي جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا ريڊيو پاڪستان لاءِ ٽيڪنيڪي ضمني گرانڊ جاري ڪرڻ، وي سي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي مقرري لاءِ قائم سرچ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ مختلف ادارن ۾ ميمبرن ۽ ڊائريڪٽرن جي مقرري ۽ اي سي سي جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ڪابينا جي ٻين ميمبرن کي هدفن بابت رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم جي صلاحڪار ارباب شهزاد وفاقي ڪابينا کي 100 ڏينهن جي پلان جا هدف حاصل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني جنهن تي ڪابينا 100 ڏينهن تي عملدرآمد رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جي معاملي تي وڌيڪ مشورا ڪيا ويندا، وفاقي وزير علي امين گنڊا پور جي سربراهيءَ ۾ سڌارن واري ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.  ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت پهرين 100 ڏينهن دوران ڀرپور ڪم ڪيو آهي، مالي ڏکيائين تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اهڙي محنت جاري رکي. هن چيو ته اسان پاڪستان جو رخ طئي ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي خودمختياري تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪرتارپور سرحد کولياسان پرامن ملڪ هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *