اسلام آباد: (بيورو) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي جي هلندڙ بيانن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪوبه وزير نه پيا هٽايون. تبديلي جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي. آءِ ايم ايف سان سٺيون ڳالهيون ٿيون. اسد عمر جلد ان باري ۾ بيان ڏيندو. فواد چوڌري وفاقي وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ وزيراعظم جي اختيار ۾ آهي. هن چيو ته ناڻي واري وزير کي بدلي ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي. اسد عمر آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ويو هو جنهن کان پوءِ ڪجهه ماڻهن اهڙيون خبرون هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. فواد چوڌري چيو ته ملڪ جي معاشي حالت هاڻ بهتر ٿي رهي آهي. وزيرن جي قلمدانن جي تبديلي بابت خبرون غلط ڦهلايون پيون وڃن.هن چيو ته بغير تصديق جي خبرون نه هلايون وڃن ان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي. ملڪي معيشت بحال ٿي رهي آهي. ايف اي ٽي ايف سان معاملا بهتر هلي رهيا آهن. پاڪستان جون سموريون پريشانيون حل ٿي وينديون. هوڏانهن وزيراعظم جي ترجمان نديم افضل چن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي تبديلي جي حوالي سان خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو هر اجلاس ۾ وٺندو آهي. وزارتن جي تبديلي جي حوالي سان هلندڙ خبرون بي بنياد ۽ من گهڙت آهن.