اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران باوجود 10 لک ٽن پرڏيهه موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ميمبرز طرفان ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي ساراهه، وفاقي ڪابينا پيٽرول بحران جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي جي آفيسرز به ڪميشن ۾ شامل هوندا، وزيراعظم طرفان پيٽرول بحران جي ذميوارن کي منقطي انجام تائين پهچائڻ جو اعلان، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪي پي ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ڪڻڪ مهانگي وڪرو ٿي رهي آهي، صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن کي به سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ نيڪال جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي ويو، سنڌ حڪومت پنهنجي نااهليءَ جو ثبوت ڏنو آهي، اسان ڪراچي جي شهرين کي سنڌ حڪومت جي رحم و ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو زالو ڪري، واضح ٿي ويو ته ڪراچي جي اربين ۽ کربين رُپين واري بجيٽ ڪٿي به خرچ ناهي ٿي، ڪراچي ۾ ادارن جي بُنيادي ڍانچي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي.شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم ميڊيا ۾ پگهارن جي عدم ادائيگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي حڪم ڏنو ته پي آءِ ڊي کي جيڪا رقم ادا ڪرڻي آهي، اها جلد کان جلد ڪري پر سببن جي ڪري اهو معاملو دير جو شڪار آهي، ان تي به وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.وفاقي وزير موجب پيٽرول کوٽ جي معاملي تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا سڄي معاملي جي جاچ ڪندي ته جيئن اڳتي اهو بحران جنم نه وٺي سگهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.