اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا پرڏيهي ملڪن مان ملڪ جي لٽيل دولت جي واپسي لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو، جنهن لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي . وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿي گذريو، جنهن دوران 8 نڪاتي ايجنڊا غور هيٺ آئي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پرڏيهي ملڪن مان رقم جي واپسي لاءِ فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ٽاسڪ فورس جوڙڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري ٻڌايو ته پرڏيهي ملڪ هڪ ارب رپين جي غيرقانوني ملڪيت جي نشاندهي ڪرڻ واري شخص کي ويهه ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ان موقعي تي صلاحڪار بيئرسٽر شهزاد اڪبر چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ موجود رقم جي معلومات فراهم ڪرڻ واري شخص جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. سڌسماءَ واري وزير ٻڌايو ته تعليم واري شعبي ۾ بهتري لاءِ پڻ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي، مدرسن سميت سمورن اسڪولن ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو هوندو، جڏهن ته خانگي اسڪولن جون فيسون به مناسب سطح تي آنديون وينديون. فواد چوڌري موجب نصاب لاءِ صوبن کي ڀائيواري ڏني وئي آهي ۽ خانگي اسڪولن جون فيسون اسٽريم لائن ڪرڻ جو چيو ويو آهي، وزيراعظم اسڪولن ۾ جسماني سزائن تي پابندي جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.