اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ناڻي واري وزير جي اختيارن، ڊي جي اينٽي نارڪو ٽڪس فورس جي مقرري سميت 6 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران 6 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن بعد ڪابينا ترڪي جي سهڪار سان نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي معاهدي جي توثيق ڪئي. ذريعن موجب ڪابينا پاڪستان ۽ جاپان ۾ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ ايم ايم يوز ۽ مانٽري اينڊ فسڪل پاليسي بورڊ ۾ ممتاز معيشتدانن جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي. ذريعن موجب مالياتي پاليسي بورڊ ۾ خانگي شعبي ۽ پرڏيهه ملڪ مان پاڪستاني ماهرن جي خدمت به وٺي سگهبي. ڪابينا ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪو ٽڪس فورس لاءِ به ميجر جنرل عارف جي مقرري جي به منظوري ڏني جڏهن ته ناڻي وفاقي واري وزير اسد عمر کي اقتصادي شعبن ۾ مقررين جي اختيارين جي به منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي 100 ڏينهن جي پلان جي هدف بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم جي هائوسنگ منصوبي بابت ٽاسڪ فورس شروعاتي قدمن بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هلندڙ مهيني جي وچ ۾ 50 لک گهرن جي منصوبي جو افتتاح ڪندو