وفاقي ڪابينا قومي اقليتي ڪميشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا قومي اقليتي ڪميشن جي منظوري ڏئي ڇڏي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري جي سمري ک منظور ڪيو ويو، مذهبي معاملن واري وفاقي پير نورالحق چيو آهي ته چيلا رام ڪيولاني کي چيئرمين بڻايو ويو آهي. مينارٽي ڪميشن جي چيئرمين جو تعلق سنڌ هندو ڪميونٽي سان آهي. نور الحق قادري وڌيڪ چيو ته مفتي گلزار نعيمي ۽ مولانا عبدل خبير آزاد مسلم ميمبر هوندو. هندو ۽ مسيحي برادري سان ٽي ميمبر شامل هوندا. هن چيو ته سِکَ برادري مان ٻه، ڪيلاش ۽ پارسي برادري مان هڪ هڪ ميمبر شامل ڪيو ويو آهي. نور الحق قادري چيو ته ڪنهن به قادياني کي ميمبر نه بڻايو ويو آهي. وزارت جي ٻنهي سمرين ۾ قاديانين کي شامل ناهي ڪيو ويو. چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪميشن جي عهدي جو ميمبر هوندو. مذهبي معاملن جو سيڪريٽري ۽ مذهب جي لحاظ کان ڪميشن جي عهدي جا فرض سرانجام ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *