اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان وزيرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 21 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي چين جي دوري تي اعتماد ۾ ورتو. ناڻي واري وزير اسد عمر چين ۾ ٺاهن جي تفصيلن کان ڪابيناکي آگاهه ڪيو. ممڪلتي وزير شهريار آفريدي احتجاج ۾ ٿيل نقصانن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ مولانا سميع الحق جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مولانا سميع الحق جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، ملڪ ۾ امن امان لاءِ شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون. اجلاس ۾ 5 خطرناڪ جوابدارن رسول خان، وسيم اختر، حفيظ الياس، مشتاق ۽ ساجد علي کي تحويل ۾ رکڻ، چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي مقرري، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام لاءِ ٽيڪس ڊائريڪٽر 2017ع شايع ڪرڻ کانسواءِ برطانيا ۽ آئر لينڊ سان قيدين جي مٽاسٽا جي ٺاهه جي منظوري به ڏني وئي.