اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ جاري لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ تي اتفاق ڪري ورتو.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا سميت ملڪي معاشي توڙي سياسي صورتحال تي غور ويچار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس دوران وفاقي ڪابينا 9 مئي کانپوءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي تي اتفاق ڪيو پر ان حوالي سان حتمي فيصلو قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير شبلي فراز چيو ته وفاقي ڪابينا هڪ مهيني جي پگهار ڪورونا رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ڪابينا ڊويزن ۾ مقررين جي حوالي سان سڀني وزارتن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته منظوري کانپوءِ گذريل حڪومتن ۾ جيڪي مقرريون ٿيون، انهن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن، جنهن تي 6، 7 ڊويزن پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، باقي ڊويزن کي وقت ڏنو ويو هو ۽ جن رپورٽ پيش ڪئي، ان ۾ 76 ماڻهن کي غير قانوني طور ڀرتي ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ڪابينا جيڪو به فيصلو ڪندي آهي ته ڏٺو ويندو آهي ان تي ڪنهن حد تائين عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا 1376 فيصلا ڪيا هئا، جن مان 86 سيڪڙو معاملن تي عمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻين تي عمل جاري آهي.شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا ۾ سالن جا سال عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم کي چيو ويو آهي ته ان حوالي سان ايندڙ 6 مهينن ۾ سڌارا پيش ڪري.وفاقي وزير چيو ته ڀارت کان درآمد تي پابندي جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا، ڇو ته ڀارت سان ڇڪتاڻ سبب هر قسم جي برآمدن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ رڳو حياتي بچائيندڙ دوائن جي درآمد جي اجازت ڏني وئي هئي، وزيراعظم درآمد ڪئي ويندڙ دوائن جا تفصيل گهريا ۽ هدايت ڪئي ته لڳائي ويندڙ پابندي جي ڪنهن به صورت ۾ ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ڪابينا پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جي گريڊ 20 جي آفيسر نويد اصغر چوڌري کي فنانس واپڊا ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي به منطوري ڏني آهي.سندس موجب ڪابينا ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ۾ پاڪستان اخوت ۽ آمريڪا سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني، جنهن سان سمنڊ پار پاڪستاني وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان عطيا ڏئي سگهندا.شبلي فراز چيو ته ڪابينا اقليت بابت قومي ڪميشن نئين سر جوڙڻ جي به باضابطا طور منظوري ڏني.