اسلام آباد ( بيورو) وفاقي ڪابينا ڪرپٽ عنصرن جي نشاندهي جي نئين قانون ”وسل بلور“ تي آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ کنيل قدم ۽ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو. ڪابينا اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي لسٽ تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ گهرو وزارت اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ واري پاليسي تي بريفنگ ڏني جنهن تي وفاقي ڪابينا اي سي ايل ۾ نالا وجهڻ لاءِ شفاف نطام جي بڻائڻ جي جامع پاليسي جوڙڻ جو هدايت ڏني. ڪابينا کي وزيراعظم جي نئون پاڪستان هائوسنگ رٿا جي تفصيلن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڪابينا ۽ هائوسنگ وزارت سميت سمورين وزارتن ۽ ادارن کي رٿا بابت معاملا جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر به بريفنگ ڏني، ڪابينا ڪرپٽ عنصرن جي نشاندهي جي نئين قانون” وسل بلور“ تي آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آرڊيننس کي موجودا نيب ۽ ايف آءِ اي جي قانون سان گڏايو ويندو، ڪرپٽ عنصرن جي نشاندهي ڪندڙ کي قانوني تحفظ حاصل هوندو، ڪرپشن جي نشاندهي ۽ غيرقانوني اڪائونٽن مان حاصل رقمن جو 20 سيڪڙو ملندو. ڪابينا عطيو ڪيو ويندڙ گاڏين لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز جي آءَ آر او ۾ ڇوٽ واري سمري جي منظوري ڏني. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اڳوڻن حڪمرانن آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ملڪ جو پئسو بچايو ئي ناهي، پئسو ڪٿان آڻي لڳايون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته ايئر وائس مارشل ريٽائرڊ ارشد کي پي آءِ اي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته قومي ايئرلائن ۾ هر مهيني اربين رپين جو خسارو ٿي رهيو آهي، اداري کي چيو ته مشڪلاتون ترت حل ڪيون وڃن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل دور ۾ پاڪستان کي ڌاڙيلن جيان لٽيو ويو ، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڌاڙيلن کان پئسا واپس ڪرايا وڃن. سڄو ملڪ ڏسي رهيو آهي ته مخالف ڌر ڇا ڪري رهي آهي. فواد چوڌري مخالفن تي سخت تنقيد ڪندي چيوته اهي ماڻهو پروگرامن ۾ وڃي ڪري اسان کي سمجهائيندا آهن ته ڇا ٿيڻ گهرجي، انهن ملڪ جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي، پوءِ به انهن کي ڪو شرم نٿو اچي. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته هو پارليامنٽ ۾ هڪ ٺهراءُ کڻي ايندو جن ماڻهن ملڪ جو اهو حشر ڪيو آهي انهن جي احتساب لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ گهرجي. نئون پاڪستان هائوسنگ رٿا جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بئنڪن کان قرض وٺنداسين، سستن قرضن تي ماڻهن کي گهر فراهم ڪنداسين. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کان گذريل ڏهن سالن لاءِ ورتل قرضن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيراعظم چيو ته قرضن جي قسطن جون ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قرضن جي ضرورت پئجي رهي آهي، ڏهن سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 هزار مان 30 ارب رپيا ٿي ويندو، ناڻي واري وزارت کان قرضن بابت تفصيل پڇا آهن، ناڻي واري وزارت ٻڌائي ڏهن ورهين ۾ ورتل قرض ڪهڙين رٿائن تي قرض ڪيا ويا. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اورنج ٽرين ۾ خسارو آهي ان لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا. نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بابت هن چيو ته هائوسنگ پروجيڪٽ سان تعميراتي صنعت ۾ ترقي ٿيندي.