اسلام آباد(بيورو): وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجليءَ جي بلن واري معاملي تي وزيرن پاور ڊويزن جي وزير عمر ايوب کان سخت سوال ڪيا.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا ايجنڊي ۾ شامل ڪيترن ئي نڪتن جي منظوري ڏني.ذريعن موجب ڪابينا 4 مارچ جي اي سي سي وارن فيصلن جي حمايت ڪئي، اسلام آباد جو ڊوميسائل رکندڙن لاءِ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ڪوٽا 100 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني.ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا ڀارت کان ڪيڙي مار دوائون گهرائڻ جي اجازت نه ڏني، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان واپار مشڪل آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بجلي جي قيمتن بابت بريفنگ دوران وفاقي وزيرن پاور ڊويزن جي وزير عمر ايوب کان سخت سوال ڪيا.ان کان علاوه اجلاس ۾ وزيراعظم عوامي مفاد جي معاملن کي تڪڙو اڪلائڻ جي هدايت ڪئي.