وفاقي ڪابينا: اسمگل ٿيل موبائيل فون جي استعمال کي روڪڻ وارو نظام لاڳو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي ٿيل حملي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ذريعن جو ٻڌائن آهي ته چيني قونصل خاني تي حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ شهيد اهلڪارن جي لاءِ فاتح ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پريس بريفنگ ۾ چيو ته چين خاطري ڪرائي آهي ته هو پاڪستان جو هر صورت ۾ ساٿ ڏيندو. فواد چوڌري چيو ته اڍائي ارب رپين جي موبائيل فون پاڪستان ۾ درس طريقي سان ناهي اچي رهي، 31 ڊسمبر کان پوءِ ايندڙ اسمگلڊ موبائيل فون بلاڪ ڪيا ويندا، پاڪستان ۾ مقامي موبائيل فون جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سيڪنڊ هينڊ موبائيل فون جي درآمد تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي، موبائل فون جي درآمد کي ريگوليٽ ڪيو ويو آهي. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته ڪرتارپور بارڊر کولڻ جو فيصلو سياسي ناهي انساني بنيادن تي ڪيو ويو، ڪرتارپور بارڊب کي کولڻ پاڪستان جو مثبت قدم آهي، ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم کنيو آهي ته اسان ٻه قدم کڻنداسين، 28 نومبر تي وزير اعظم ڪرتارپور بارڊر تي ويندو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرتارپور بارڊر پوائنٽ کولڻ جي تقريب ٿيندي. هن چيو ته جڏهن عمران خان 30 سال پهيرن گهر بڻائڻ شروع ڪيو ته بني گالا جهنگل هو، عمران خان اُن وقت جي قانون موجب بني گالا جو گهر ٺاهيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ غير قانوين ۽ اسمگل ٿيل موبائيل فون جو استعمال روڪڻ واري نظام کي لاڳو ڪرڻ واري سمري به منظور ڪئي وئي. ان کان سواءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 100 ڏينهن واري پلان ۽ هائوسنگ بابت ٽاسڪ فورس بابت به معاملا غور هيٺ آيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورين وزارتن، ڊويزنن ۽ ادارن کي 100 ڏينهن واري پلان تي عملدرآمد رپورٽ فوري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *