لاهور (م ڈ): پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وفاقي وزير جيترو مرضي واويلا ڪن پاناما ليڪس (ن) ليگ جي ڳلي جو ڦاهو بڻجي چڪو آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت جي سياسي طور متحرڪ ٿيڻ سان حڪمرانن جي صفن ۾ هلچل مچي وئي آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين، قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته حڪمران خاندان طرفان جي آءِ ٽي جي ميمبرن تي اعتراض سڀ ڪجهه واضح ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن حڪمرانن جا هٿ صاف هجن ها ته انهن کي عدم اعتماد جو حربو استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها، هن چيو ته موجوده حڪمران پيپلز پارٽي جي دور ۾ اڄ جي دور ۾ مهانگائيءَ جي ڀيٽ ڪري وٺن، انهن کي فرق معلوم ٿي ويندو، جڏهن ته شفافيت جون دعوائون ڪندڙن جا پاناما جي شڪل ۾ ڪرپشن جا پوري دنيا ۾ چرچا ٿي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي ۽ ان سبب ئي حڪمران ليگ جون ننڊون اڏي ويون آهن، پاناما ليڪس (ن) جيگ سان گڏ ڳنڍجي ويو آهي ۽ وفاقي وزير جيترو مرضي واويلا ڪن ان مان پنهنجي جان ڇڏائي نه سگهندا.