ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ ، مڪاني کاتي ، مذهبي معاملن ۽ ٻيلي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ جي ڪوڙي ٽولي جي پروپيگنڊا جو اثرائتو جواب ڏنو وڃي ، عمران حڪومت عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ترجمانن جو لشڪر ڀرتي ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري عمران عطاء سومرو، ڊائريڪٽر پلاننگ غلام ثقلين، ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا اسلم پرويز جتوئي، ڊائريڪٽر ايڊمن سيد عظيم شاهه، ڊائريڪٽر ليگل حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر ريسرچ اينڊ ريفرنس محمدعلي رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر پبليڪيشن اختر سرهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا آهن. خاص طور تي تعليم، صحت ۽ روڊ سيڪٽر ۾ سنڌ حڪومت مثالي ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب نئين سال 2021 کي سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي جو سال طور ورتو ويندو . قبضو خالي ڪرايل لکين ايڪڙ زمين تي مقامي ۽ ميويدار وڻ پوکيا پيا وڃن. هن اطلاعات کاتي کي هدايت ڪئي ته سرسبز سنڌ ويزن بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته ڪارڪردگي متعلق سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن جي صلاح مشوري سان ھر پندرھين ڏينهن پريس بريفنگ منعقد ڪئي وڃي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ جو دورو سوشل ميڊيا جو دور آهي، اطلاعات کاتي جي سوشل ميڊيا ونگ کي فعال ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي منصوبن ۽ پاليسين بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ميڊيا هائوسز ۽ صحافين لاءِ رابطا مضبوط ڪيا وڃن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي صحافين جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏيندي آهي، ته جيئن هو پنهنجون ذميواريون آزادانه نموني نڀائي سگهن. هن هدايت ڪئي ته پريس ڪلبن ۽ صحافتي تنظيمن جي گرانٽ تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي