ڪراچي (پريس رليز) وفاقي وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات جي تعاون سان ڪراچي ۾ “حق حقدار تائين” عنوان هيٺ سيمينار ۽ فن پارن جي نمائش ٿي. ميمڻ انڊسٽريل اينڊ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ منعقد ٿيل سيمينار ۾ وڏي انگ ۾ استادن، شاگردن، شاگردياڻين، شهرين ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي “حق حقدار تائين” مهم جي انچارج خرم شهزاد چيو ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وقت اها تسلي ضرور ڪئي وڃي ته توهان جي ڏنل امدا ڪنهن فساد يا دهشت گردي جي لاءِ استعمال ته نه ٿي رهي آهي؟ وفاقي حڪومت جي هن مهم جو مقصد امداد جو صحيح معنيٰ ۾ امداد حقدارن تائين پهچائڻ ۽ تخريبڪاري کي روڪڻ آهي. ڊائريڪٽر جنرل NAVTTC عبدالرحيم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ساليانو اربين رپيا امدا ڏني وڃي ٿي پر اها جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ حقدارن تائين پهچي ته وڏي انگ ۾ بي پهچ ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ٿي. ڏني ويندڙ امداد کي دهشت گردن ۽ انتها پسندن تائين روڪڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. سيمينار کي ميمن انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين ايس ايم شهزاد، ڊي ايم سي ڪورنگي جي وائيس چيئرمين سيد احمر علي، ايس ايم منهاج الدين ۽ ٻين خطاب ڪيو.