ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ وفاقي منتقلين وارن فنڊن ۾ شارٽ فال ڪري صوبائي حڪومت ترقياتي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ڪوشان آھي تھ جيئن ھن سال وڌ ۾ وڌ اسڪيمون مڪمل ٿي سگھن. ھن اھا ڳالھھ اڄ سومر ڏينھن صوبي جي مالي صورتحالي بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاھھ. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري نجم شاھھ سميت ناڻي کاتي ۽ پي اينڊ ڊي جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ صوبائي بجيٽ ۾ گڏيل خرچ 1124 بلين رپين جا آھن جن مان گڏيل خرچ 11445 بلين رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي ان جو مطلب اھو آھي تھ 20.5 بلين رپين جو شارٽ فال آھي. ناڻي واري سيڪريٽري نجم شاھھ ٻڌايو تھ 773.2 بلين رپين جي غيرترقياتي خرچن جي حوالي سان وڏي وزير 73.2 بلين رپين جي ڪٽوتيءَ جي منظوري ڏني ۽ 700 بلين رپين جي غيرترقياتي خرچ مقرر ڪيا. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي ٻڌايو تھ صوبي ۾ 1965 ترقياتي اسڪيمون ھلندڙ آھن جن مان 710 جون 2019ع تائين مڪمل ٿينديون. ھن چيو تھ انھن 710 اسڪيمن لاءِ 42.7 رپيا مقرر ڪيا ويا آھن جن مان 34.9 رپيا جاري ڪيا ويا آھن ۽ انھن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 7.8 بلين رپين جي گھرج آھي. ان تي وڏي وزير مراد علي شاھھ ناڻي واري سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو لاڳاپيل رقم جاري ڪري تھ جيئن اھي اسڪيمون مڪمل ٿي سگھن. محمد وسيم چيو تھ 73.3 بلين رپين جون 451 ترجيحي اسڪيمون آھن جن لاءِ 29.1 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آھن ۽ باقي رھيل 11 بلين رپيا جاري ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو تھ سندس انھن ترجيحي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 11 بلين رپين جو بندوبست ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي ويندي. وڏي وزير کي اھو پڻ ٻڌايو ويو تھ 74.3 بلين رپين جون 804 تيزيءَ سان مڪمل ٿيندڙ اسڪيمون آھن، جنھن لاءِ 50.9 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آھن ۽ انھن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 23.4 بلين رپيا گھربل ھوندا. وڏي وزير چيو تھ سندس غيرترقياتي خرچ مان 73.3 بلين رپيا جي گھٽتائي ڪئي آھي جنھن کي ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ وفاقي حڪومت مان ھلندڙ مالي سال دوران 665.1 بلين رپيا جاري ڪرڻ جي اميد ھئي پر صوبائي حڪومت اڃا تائين رڳو 390.2 بلين رپيا مارچ 2019 تائين وصول ڪيا آھن. اھڙي مالي صورتحال ۾ بھ صوبائي حڪومت مالي مئنجمينٽ ذريعي سڄي صوبي ۾ پنھنجا ترقياتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھي. ھن چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي ھدايت ڪئي تھ ھُو شھر ۾ ھلندڙ تمام انڊر پاسز، فلاءِ اووز ۽ روڊن جي سمورين اسڪيمن جون 2019ع تائين مڪمل ڪيون وڃن. ھن چيو تھ ايندڙ بجيٽ ۾ اسان شھري ۽ ٻھراڙي وارن علائقن لاءِ وڌيڪ اسڪيمون شروع ڪيون وينديون.