وفاقي سينسز ڪميشن ۾سنڌ جو نمائندو شامل ناهي: اياز لطيف
March 15, 2017 at 9:03 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته آدمشماري لاءِ جوڙيل وفاقي سينسز ڪميشن ۾ سنڌ جو نمائندو شامل ناهي، 5 ميمبر پنجاب ۽ هڪ بلوچستان مان کنيو ويو آهي، هن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان نمائندا شامل ڪيا وڃن، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ آدمشماري لاءِ ڪابه منصوبابندي نه ڪئي وئي آهي، بلاڪن ۾ شمار ڪيل گهر 2009ع جي سروي ۾ شامل ڪيا ويا هئا. اهڙو اظهار هن لطيف آباد يونٽ 3 جي ڳوٺ محبت سولنگي ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو ته آدمشماري لاءِ جيترا ٻيا صوبا فعال آهن، ايتري تياري سنڌ ۾ نه ڪئي وئي آهي، ڪراچي، گهوٽڪي، حيدرآباد ۽ سيوهڻ ۾ ڪابه سرگرمي نظر نه پئي اچي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي آدمشماري تي ڳڻتي آهي، سنڌ جي هر ماڻهو جا حق آدمشماري سان مشروط آهن. هن چيو ته آدمشماري جو سمورو اختيار نااهل حڪومت کي ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو سنڌ پهچي آباد ٿي ويا آهن. هن چيو ته سيڪيورٽي جا معاملا ڄاڻائي شماريات کاتي جي آفيس اسلام آباد منتقل ڪئي آهي، ٻئي طرف وفاقي حڪومت سنڌين جو تعداد گهٽ ڏيکاري رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن سان آدمشماري ۾ ناانصافي ڪئي وئي ته نتيجن کي قبول نه ڪنداسين. هن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته آدمشماري هر صورت ۾ ڪرائي وڃي، ڳڻپ جو عمل ملتوي ڪرائڻ واري سازش جو نوٽيس ورتو وڃي. هن چيف آف آرمي اسٽاف کان به گهر ڪئي ته پاڪ فوج جا جوان هر حالت ۾ شمار ڪنده کي هر گهر تائين پهچائين ته جيئن ڪو به ماڻهو ڳڻپ کان نه رهجي سگهي. هن سنڌ جي سمورن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته آدمشماري ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن. هن چيو ته سنڌ حڪومت آدمشماري واري معاملي تي سنڌ جو سودو ڪرڻ چاهي ٿي، وفاق آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ پنجاب ۽ بلوچستان مان ميمبر مقرر ڪري سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، 19 سالن کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري تي سنڌي عوام کي اعتراض آهن، پر ان باوجود هو چاهين ٿا ته آدمشماري ٿيڻ گهرجي. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ حڪومت طرفان حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ جوڙيل بلاڪ توڙي سرڪل به 2009ع تحت جوڙيا آهن، جنهن ۾ وڌيڪ آبادي ۽ ٺهيل وڏن پلازن کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو، جنهن سان لکين ماڻهو ڳڻپ کان رهجي ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ 33 کان 35 سيڪڙو آبادي سنڌين جي آهي، پر ان کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ گهٽ ڄاڻائي 23 ڏيکاريو ويو، جيڪا سنڌ خلاف وڏي سازش آهي. هن چيو ته حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جا نتيجا ضلعن اندر ئي پڌرا ڪيا ويا وڃن، سنڌي عوام کي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت تي اعتماد ناهي رهيو.17