وفاقي سرڪار ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جا اتنظام سنڌ حڪومت کي ڏيڻ تي راضي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جا انتظام گهري ورتا. وفاقي وزير شيخ رشيد ڪي يو ٽي سي سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪندي وڏي وزير کي آڇ ڪئي آهي ته حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ متاثرن کي ريلوي جي زمين تي آباد ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڊي ايس ريلويز، ڊي جي پلاننگ ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌسرڪار ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جا انتظام گهري ورتا. وفاقي وزير شيخ رشيد ڪي يو ٽي سي سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪندي وڏي وزير کي آڇ ڪئي آهي ته حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ متاثرن کي ريلوي جي زمين تي آباد ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه سان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڊي ايس ريلويز، ڊي جي پلاننگ ۽ ٻيا موجود هئا. ملاقات ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وڏي وزير جو چوڻ هو ته چين جو وفد مئي مهيني ۾ ڪراچي پهچي رهيو آهي، جڏهن ته جي سي سي اپريل مهيني ۾ بيجنگ ۾ ٿيندي. ڪراچي شهر ۾ انڪروچمينٽ 40 ڪلوميٽرز تائين هئي، جنهن مان 38 ڪلوميٽرز تائين حددخليون هٽايون ويون آهن، هاڻي متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي. اُن موقعي تي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته فارملٽيز پوريون ڪري ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن کي سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ايس اي سي پي کي درخواست ڏئي ڪارپوريشن جي انتظاميا سنڌ کي ڏيڻي آهي. شيخ رشيد آڇ ڪئي ته حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ متاثر ٿيل خاندانن کي ريلوي جي ڪنهن زمين تي گهر ٺاهي ڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وزير وچ ۾ ملاقات دوران هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي ايس ريلويز کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪميٽي جي مئنڊيٽ سوڌو ٻيا مامرا طئه ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلويز تي ٻڌل ڪميٽي کي ذميواري ڏني وئي آهي. ٻئي ڪميٽيز هڪ مهيني ۾ سمورا مسئلا حل ڪنديون. وڏي وزير چيو ته اپريل ۾ سي پيڪ بابت جي سي سي اجلاس کان اڳ معاملي طئه ڪرڻا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *