اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي سرڪار طرفان 149 فلور ملز ڪڻڪ چوريءَ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ويو آهي فلور ملز مالڪن جي ڪڻڪ چوري سبب 25 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان ٿيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جڏهن کنڊ ڪميشن ٺهي ته ڪڻڪ بحران بابت پڻ ڪميشن جوڙي وئي، هيل تائين 667 فلور ملز کي سبسڊي تي ڪڻڪ مهيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ بحران جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت ڪڻڪ چوري ڪئي وئي. شهزاد اڪبر چيو ته اينٽي ڪرپشن پنجاب 19 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪيا آهن، وڌيڪ جلد واپس ڪرائبا، فلور ملز مالڪن خلاف فوجداري ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتي جا 156 عملدار پڻ ڪڻڪ چوري ۾ ملوث آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. شهزاد اڪبر چيو ته کنڊ اسڪينڊل ۾ جن ماڻهن جا نالا آيا، انهن عدالت کان اسٽي ورتو پر وفاقي حڪومت جي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ بعد اسٽي ختم ڪيو ويو، کنڊ ڪميشن جي رپورٽ بعد هر ادارو پنهنجي قانون تحت ڪارروائي ڪندو.