اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پوليٽڪل ڪميٽي جي اجلاس دوران اپوزيشن جماعتن کي مشروط طور جلسن جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار طرفان پي ڊي ايم جي جلسن آڏو ڪي به رنڊڪون پيدا نه ڪيون وينديون، اپوزيشن کي جلسن لاءِ ضلعي انتظاميا کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي، کين قانون ۽ اجازت نامي ۾ طئه ٿيل شرطن تي مڪمل عمل ڪرڻو پوندو، حڪومت جي پوليٽڪل ڪميٽي اپوزيشن جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون وزيراعظم آڏو پيش ڪري ڇڏيون.اجلاس ۾ شريڪ وزيرن ۽ مددگارن اپوزيشن کي جلسن جي اجازت ڏيڻ جي تجويز ڏني حڪومتي ميمبرن چيو ته اپوزيشن کي سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ ڏنا وڃن. اپوزيشن کي جلسن ۾ ڪرونا ايس او پيز جو پابند بڻايو وڃي ميمبرن چيو ته ضلعي انتظاميه جلسن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪري