وفاقي سرڪار سنڌ جي لاءِ تعصب جي عينڪ ملڪ جي مفاد لاءِ لاهي ڇڏي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وزير خارجه شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ صوبي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ان موقعي تي ان طرح جي ڳالهين جي اميد نه هئي ۽ جيئن مراد سعيد بيان ڏنو اهو به انتهائي منفي رويو آهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ مراد سعيد جي بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته هو سنڌ سان ڪيتري قدر نفرت ۽ تعصب رکندا آهن. هن وقت سموري ملڪ ۾ وبائي مرض جي ڪارڻ افرا تفري جي فضا قائم آهي اهڙي قسم جون ڳالهيون اخلاقيات کان ڪريل آهن هن چيو ته هي وقت هڪ ٿيڻ جوآهي هن چيو ته اسان جي پارٽي پاليسي هميشه کان اها ئي رهي آهي ته اسان سڀني سان گڏجي ڪري ڪم ڪريون اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پاران هدايت آهي ته هن وبائي مرض جي دوران سمورا اختلاف وساري عوام جي صحت لاءِ گڏ ٿي جدوجهد ڪئي وڃي ۽ اختلافن کي ختم ڪيو وڃي پر وفاقي حڪومت جو رويو شروع کان ئي غير سنجيده آهي پهرين ڪرونا ڪيس کان وٺي ڪري پارلياماني  ليڊرز جي اجلاس کان وٺي اڄ تائين هر ڳالهه ريڪارڊ تي آهي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پارلياماني ليڊرز جي اجلاس ۾ وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ڪري ڪنهن ٻئي جي ڳالهه بنا ٻڌي هليو ويو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي پر هن ڏکي وقت ۾ به عوامي نمائندن جي ڳالهه ٻڌڻ گوارا نه ڪئي. هن جو رويو جمهوريت جي عڪاسي ناهي ڪندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *