ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي پاڪستان توڙي پرڏيهه مان لال سائين جا عقيدتمند مزار تي حاضري ڏيڻ ايندا آهن حڪومت سنڌ پاران کين ڀرپور سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿئي.اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اوقاف فراز ڏيرو، ميمبر قومي اسيمبلي سردار سڪندر علي راهپوٽو پڻ ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته صوبائي سيڪريٽري اوقاف محمد نواز، ايڊيشنل آئي جي غلام سرور جمالي، ڊي آئي جي حيدرآباد محمد نعيم شيخ، ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، چيئرمين شهباز ميلا ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر، ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ۽ ٻيا موجود هئا.هن چيو ته گذريل سالن جي مقابلي ۾ هن سال سخت گرمي باوجود پانڌيئڙن جي تعداد ۾ 8 لکن تائين اضافو ٿيو آهي ۽ الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته عرس مبارڪ جون تقريبون خير و خوبي سان پڄاڻي طرف وڌي رهيون آهن، عرس مبارڪ جا ٽئي ڏهاڙا چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سان رابطي ۾ رهي پانڌيئڙن کي ملندڙ سهولتن جي خود نگراني ڪئي، ضلعي انتطاميا پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ بهترين انتظام ڪيا جيڪي قابل تعريف آهن.گورنر سنڌ جي هاڻوڪي بيان بابت پڇيل سوال تي وڏي وزير چيو ته ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي کانپوءِ حڪومت جي معاشي صورتحال ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ گورنر صاحب کي معاشي معاملن جي ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي سندس اهو ڪم آهي. وڏي وزير چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ وفاقي حڪومت جيڪو به ٽيڪس وصول ڪري ٿي ان ۾ صوبن جو 57.5 سيڪڙو حصو آهي، ناڪام معاشي پاليسين سبب صوبا مالي مسئلن جو شڪار آهن.