ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بدران سنڌ حڪومت سان وڙهي رهي آهي . ڪراچي بلاول هائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي آهي ، ملاقات ۾ صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عزرا پيچوهو ، ڊاڪٽر باري ۽ ڊاڪٽر فيصل به شرڪت ڪئي .پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال تي برينفگ ڏني جڏهن ته ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ، ڊاڪٽر باري ۽ ڊاڪٽر فيصل به صحت کاتي طرفان ڪورونا خلاف کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو .پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪورونا وائرس ملڪ ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري رهي آهي ، وبا سبب فوتين جي انگ ۾ اضافو حڪومتن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي . هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ ڪورونا وبا خلاف قدم کڻڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جڪيڏهن سنڌ حڪومت فوري قدم نه کڻي ها ته ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيل صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ زندگيون محفوظ بڻائڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڪورونا خلاف کنيل قدمن جي ساراهه ٿي رهي آهي . ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت ميڊيا کي دٻائڻ وارين ڪوششن کان پاسو ڪري.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ميڊيا کي دٻائڻ جي ڪوششن جو مقصد ميڊيا کي پنهنجي مخالفن تي جبر جي لاءِ هڪ اوزار جي طور استعمال ڪرڻ آهي.هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران پريس جي آزادي جي ساليانه درجه بندي ۾ تنزلي ٿي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ صحافين آزاد صحافت جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پيپلز پارٽي هميشه صحافي ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندي آهي ۽ آئنده به صحافين سان گڏ ئي رهندي.هن چيو ته اسان پريس جي آزاد ۽ غير جانبدار صحافت جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پهرين ئي ڏينهن کان ميڊيا جي آزادي تي حملا ڪري رهي آهي.