وفاقي حڪومت ڪراچي شهر ۾ هڪ ٽڪو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي شهر ۾ هڪ ٽڪو پائي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي صوبائي حڪومت کي ان جو جائزو حصو ڏيڻ تي تيار آهي. سنڌ ۾ مڪمل ڪيل ترقياتي منصوبا ڪنهن به صوبي کان وڌيڪ آهن ۽ سمورا منصوبا سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن ۾ رهندي مڪمل ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پنهنجي حلقي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺندي ڪيو. سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ مڪمل ڪيل ترقياتي منصوبا ڪنهن به صوبي کان وڌيڪ آهن ۽ سمورا ترقياتي ڪم سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن ۾ مڪمل ڪيا آهن. سنڌ حڪومت شهر ڪراچي ۾ اڻ ڳڻيان ترقياتي ڪم مڪمل ڪيا آهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪندي ڪراچي ۾ اهڙا منصوبا به مڪمل ڪيا آهن جنهن جي ماضي جي ڪنهن به حڪومت ۾ نظير نٿي ملي. سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جي سڃاڻ ڪوڙا واعده ۽ يوٽرن کان سواءِ ڪجھ به ناهين. بجلي ۽ گئس جي مسلسل قيمتن ۾ واڌاري عوام جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ سليڪٽيڊ حڪمران اڃان به گھٻرائڻو ناهي جو راڳ ڳائي رهيا آهن. ان موقعي تي سعيد غني محمود آباد نالي تي جاري ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ پهتو هو. جتي چيف انجنيئر محمودآباد نالي تي جاري ڪم تي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني. ترقياتي ڪم ۾ مصروف عملي ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي هن جو چوڻ هو ته محمودآباد نالي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي. نالي تي جاري ڪم  ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ڇو ته هي منصوبو فقط پسگردائي جي رهاڪن لاءِ ناهي پر ان نالي تي جاري ڪم مڪمل ٿيڻ سان لکين شهرين کي سهولت حاصل ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *