وفاقي حڪومت کي سنڌ جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين:اسماعيل راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاق پاران سمنڊ اندر سنڌ جي ٻيٽ ڀنڊار تي نئون شهر اڏڻ واري فيصلي تي صوبي کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سنڌ حڪومت اعتراض واري ڇڏيا. سنڌ جي زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهو وفاقي حڪومت جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي ان منصوبي بابت نه اطلاع ڏنو ويو نه ئي وري اعتماد ۾ ورتو ويو، وفاقي حڪومت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي صوبائي حڪومت جي اجازت کانسواءِ ڪجهه به نٿي ٺاهي سگهي، وفاقي حڪومت کي سنڌ جي ملڪيتن تي ائين قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. اسماعيل راهو چيو ته سامونڊي پٽي وفاق جي نه پر سنڌ جي ملڪيت آهي، وفاق پهريان سنڌ کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ فيصلا ڪري. هن چيو ته وفاق 18 هين ترميم کانپوءِ ڪنهن به صوبي جي وسيلن يا ڪمن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، پي ٽي آئي سرڪار پنهنجي انصاف لنگر تي ڪم ڪري ملڪ ۾ هاڻ اهيو هڪ ڪم رهجي ويو هو، وفاقي حڪومت ڊڪٽيٽر مشرف وانگر سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشيون ڪري رهي آهي، وفاق سنڌ جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ جو سوچڻ کان بهتر آهي ته نوجوانن کي نوڪريون ۽ اعلان ڪيل گهر ڏي، وفاقي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي هن وقت ٽٽل ويل چيئر تي بيٺي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *