وفاقي حڪومت کي جيڪي خط لکيا انھن تي وفاق ڪا بھ موٽ نھ ڏني آھي؛وڏو وزير

نئون ديرو(رپورٽ؛ عبدالله ميراڻي) پيپلز پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 وهين ورسيءَ جي مو قعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ وفاقي حڪومت کي جيڪي خط لکيا انھن تي وفاق ڪا بھ موٽ نھ ڏني آھي ـ بجلي جي لوڊ شيڊنگ تي بھ خط لکي احتجاج ڪيو ـ سنڌ ۾ بند پيل بجلي گھر ھلرايي سينٽر کي بجلي ڏني جنھن سان سنڌ جي ٻھراڙين ۾ لوڊ شيڊنگ گھٽي آھي ـ ان ۾ وفاق جي ڪا بھ مدد ڪونھي ـ پي ايس ايل جي فائنل ۽ ٻين ميچن جي ڪراچي ۾ ڪاميابي ۾ اسان سڀني جي محنت آھي ـ اهڙن خيالن جا اءهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀريندي ميڊيا سان ڳاله ٻولھ ڪندي ڪيا وڌيڪ هن چيو ته اسان شهيد ڀٽو جا سپاهي آهيو اسان پنهنجي قائد جو فلسفو کڻي يوام جي ڀرپور خدمت ڪندا سين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ليڊر هو هو شهيد آهي شهيد ڪڏهن به مرندا ناهن شهيد هميشا زندا هوندا آهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ هيلي ڪاپٽرجي ذريعي ڳڙهي خدا بخش پهچي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون  جنهن کان پوءِ هو نئون ديرو هائوس ۾ رٿيل سي اي سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *