اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته وفاقي حڪومت هڪ تاريخي قومي اتفاق راءِ کي ختم ڪرڻ بدران پنهنجا خرچ گهٽائي، 18هين ترميم وفاق ۽ صوبن جي ملڪيت آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت هڪ تاريخي قومي اتفاق راءِ کي ختم ڪرڻ بدران پنهنجا خرچ گهٽائي.هن چيو ته ، 18هين ترميم وفاق ۽ صوبن جي ملڪيت آهي، 18هين ترميم کي نقصان پهچائڻ، ختم ڪرڻ يا ترميم ڪرڻ واري عمل جي هر سطح تي مزاحمت ڪنداسين.رضا رباني چيو ته، قومي اتفاق راءِ کي چيڙڻ سان وفاق تي نقصانڪار اثر پوندا، 18هين ترميم کي پارليامينٽ اتفاق راءِ بنا ڪنهن اختلاف جي منظور ڪيو هو.اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته، 18هين ترميم قومپرست قوتون کي ڳالهين جي ميز تي آندو، 18هين ترميم جي اچڻ سان ئي وفاق کي نقصان پهچائندڙ انتهاپسند به خاموش ٿي ويا .اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته 18هين ترميم جي ڪري صوبن کي قدرتي وسيلن ۾ ڀائيواري ملي، 18هين ترميم صوبن کي وڌيڪ انتظامي ۽ مالي اختيار ڏنا.رضا رباني چيو ته، 18هين ترميم پارليامينٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.