اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت جي ترجمان شهباز گل الزام هنيو آهي ته جڏهن سنڌ حڪومت پاڻ ڪورونا وائرس تي سياست مان ٿڪجي پئي ته ڊاڪٽرن کي اڳتي آڻي ڇڏيو.ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي شهباز گل چيو ته ڊاڪٽرن پريس ڪانفرنس پيپلز پارٽي جي چوڻ تي ڪئي، جيڪي فيصلا نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪوآپريشنز سينٽر جي اجلاس ۾ ٿيا هئا ان ۾ ڊاڪٽر به موجود هئا.ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت جڏهن پاڻ ڪورونا وائرس تي سياست مان ٿڪجي پئي آهي ته هنن ڊاڪٽرن کي اڳتي آڻي ڇڏيو آهي، سنڌ جي انهن ڪجهه سياسي ڊاڪٽرن کان گذارش آهي ته سياست نه ڪن.