اسلام آباد (بيورو) حڪومت مني بجيٽ ۾ بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز تي فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ عوام کي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي 1300 سي سي تائين گاڏي خريد ڪري سگهندا، مان وضاحت پيش ڪري رهيو آهيان ته اها نئين بجيٽ نه پر معيشت جي بهتري ۽ صنعتن جي بهتري لاءِ سڌارا پيش ڪيا پيا وڃن، اسان کي اهڙو ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اڳتي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پئي ته جيئن ايندڙ حڪومت اهو نه چئي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ورتو، ايندڙ هفتي معاشي فريم ٺاهي پيش ڪنداسين. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اسد عمر جي تقرير دوران ”ڪوڙا ڪوڙا“ جا نعرا به هنيا ويا، جنهن تي اسد عمر به گذريل حڪومتن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو. هن چيو خوشخبري آهي ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بجيٽ اندر 6.6 ۽ ان کانسواءِ 800 اربن جو نقصان ڇڏي ويا آهن، ان کي پورو نٿا ڪري سگهون، هنن جيڪا معيشت ڇڏي، ان ۾ برآمد 70 کان 40 سيڪڙو رهجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين سيڙپڪاري نه هوندي ته ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، تنهن ڪري سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ بچت جي ضرورت آهي پر گذريل حڪومت بچت خطرناڪ حد تائين ڇڏي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. اسد عمر چيو ته ڪئميرا ۾ رڪارڊ ٿي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان کي چونڊون خريدڻ نه پوندو، گردشي قرضن جو خسارو گهٽ ٿيندو ۽ قرضن ۾ گهٽتائي ايندي، ڇو ته اسان رڳو زبان سان پاڻ کي خادم اعليٰ نه چونداسين. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل پنجاب حڪومت ايترا اشتهار ڏنا جو 40 ارب رپيا جو خسارو ڇڏيو، جڏهن ته پرويز خٽڪ ڪي پي ۾ خساري کي فائدو پهچايو. ٻيو فنانس ترميمي بل پيش ڪندر اسد عمر چيو ته ڪاروبار اهم هوندو آهي، جيستائين اهو مضبوط نه هوندو معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري بئنڪ جي سود جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ انهن صنعتن کي قرض لاءِ جيڪو ٽيڪس هوندو آهي ان کي 20 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو ويندو، جيڪو اڌ هوندو. هن چيو ته زراعت اسان جو ٻيو هدف آهي ته زرعي بئنڪن جي ٽيڪس کي 39 مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، ٽئين نمبر تي اسان گهر ٺاهڻ جي شعبن ۾ حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ۽ 50 لک رپين جو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ ننڍن گهرن لاءِ جيڪو قرض ڏينداسين، ان ۾ ٽيڪس 39 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون ۽ 5 ارب رپين جي قرض جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، جنهن ذريعي غريبن لاءِ گهٽ لاڳت تي گهر ٺاهينداسين. سندس چوڻ هو ته بئنڪنگ جي ڊپازٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳي هو پر اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي فائلر ٺاهڻ جي صلاح ڏيندي ود هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪيو پيو وڃي.