وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي ڏيندڙ ناڻي وارو بيان بلڪل ڪوڙو آهي؛مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير جو اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي ناڻي واري وزات پاران سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي شڪل ۾ مڪمل ناڻو ڏيڻ واري بيان کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي ناڻي واري وزارت پاتان سنڌ کي مڪمل ادائيگي ڪئي وئي آهي اهو بيان بلڪل حقيقتن جي ابتڙ آهي. صلاحڪار اطلاعات چيو آهي ته اسان کي وفاق پاران 332.5 ارب رپيا ملڻ هئا جنهن مان فقط 241.9 ارب رپين جي ادائيگي ٿي آهي اڃان به 90.6 ارب رپين جي ادائيگي جي مد ۾ شارٽ فال موجود آهي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته وفاق کي سنڌ صوبي کي ملندڙ رقم جون ٽي ڪيٽيگريون آهن جنهن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 302 ارب رپيا ڏيڻا هئا ۽ فقط 217 ارب رپيا ڏنا اٿائين. جنهن ۾ 84 ارب رپين جي ادائيگي اڃان تائين واجب الادا آهي. انهيءَ کان علاوه اسٽريٽ ٽرانسفر ۾ 21 ارب رپين جي ادائيگي جي مد ۾ 18 ارب رپيا ڏنا آهن جنهن ۾ 3 ارب رپيا بقايا آهن. انهيءَ کان علاوه OZT جي مد ۾ اٺ ارب رپين مان فقط 5.5 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جنهن جو شارٽ فال 2.2 ارب رپيا آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي خزاني واري وزارت فقط بيان بازي بدران انگ اکر ڏسي وٺي ته جواب ڏيڻ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت نه پوندي اسان سنڌ جي حقن جي مقدمي کان ڪنهن به صورت دستبردار نه ٿينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *