ڪراچي (هه آ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) انديشو ظاهر ڪيو هو ته وفاقي حڪومت پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ( PMRA) جي تجويز ڪيل قانون ذريعي ۽ “ ون ونڊو آپريش“ جي آڙ ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا تي سخت گير ضابطو لاڳو ڪرڻ گهر ٿي، ان قسم جي ميڊيا مخالف ۽ غير ضروري قدمن خلاف سي پي اين اِي هر سطح تي ڀرپور محم هلائيندي ۽ مخالف ڪندي. آزاد ميڊيا معاشري جي ترقي، عوام تائين معلومات جي فراهمي ۽ جمهوريت جي واڌاري لاءِ انتهائي ضروري ۽ عوام جو بنيادي آئيني حق آهي، جنهن کي ( PMRA) جهڙي غير آئيني ۽ غير جمهوري قدمن ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزاديءَ تي پابنديون مڙهڻ جي برابر هوندو. سي پي اين اِي جي نائب صدر اڪرام سهگل جي صدارت ۾ سي پي اين اِي جي منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ( PMRA) جي تجويز ڪيل قانون ذريعي اخبارن، رسالن ۽ پرنٽنگ پريسن جي لاءِ ڊڪليئريشن، ريگيوليٽري سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا اختيار ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنرن کان کسي اطلاعات جي وفاقي وزير کي ڏيڻ غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پرنٽ ميڊيا کي مروجه قانونن ذريعي هلايو وڃي. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ( PMRA) جي تجويز ڪيل قانونن تحت پريس ڪائونسل پاڪستان (PCP ) کي به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ميڊيا لاءِ ڪينگرو عدالت جهڙي خاص عدالت جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو عمل ميڊيا لاءِ انتهائي ناپسنديده هوندو، ڇو جو هڪ مثالي ريگيوليٽريءَ اٿارٽي کي وزيراعظم سيڪريٽريٽ، ڪابينه ڊويزن يا وفاقي وزارت بجاءِ پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي سامهون جوابده ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ميڊيا لاءِ خاص قانون ٺاهڻ بجاءِ ضروري اهو آهي ته ميڊيا جي ادارن ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ تي توجهه ڏني وڃي. اجلاس ۾ گرميءَ جي موسم دوران ڪراچيءَ ۾ امڪاني “ هيٽ اسٽروڪ” کان بچڻ لاءِ عوام کي سجاڳي ڏيڻ ۽ “ هيٽ اسٽروڪ” کان بچڻ لاءِ طريقن کان آگاه ڪرڻ لاءِ “ سي پي اين اِي” ۽ “ ڪي اليڪٽرڪ” ( K-Electric ) سان گڏيل نموني مهم هلائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وفاقي سرڪاري اشتهاري پاليسين جي حوالي سان پڻ سي پي اين اِي گذارشون مرتب ڪيون آهن جن کي الڳ پريس رليز جي صورت ۾ جاري ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سي پي اين اِي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، نائب صدر رحمت علي رازي، طاهر نجمي، عارف بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، انفارميش سيڪريٽري عدنان ملڪ، سينيئر ميمبرن محمد حيدر امين، اعجاز الحق، انور ساجدي، ارشاد احمد عارف، مقصود يوسفي، غلام نبي چانڊيو، سعيد خاور، علي احمد ڊهلون، عبدالخالق علي، عبدالرحمان مڱريو، مدثر عالم، بشير احمد ميمڻ، فقير منٺار منڱريو، محمود عالم خالد، معظم فخر، محمد طاهر، ممتاز احمد صادق، مظفر اعجاز، سردار نعيم، سيد شمس الضحى شاه، اڪمل چوهاڻ، شير محمد کهاوڙ، حمزه تنوير، محمد تقي علوي، وقاص طارق فاروق، يحى خان سدوزئي، زبير محمود، حافظ ثناالله، سيد محمد رضا شاهه، سردار عابد عليم، بشير احمد خان، امتياز روحاني، ايس ايم فضل، منزه سهام ۽ حسينه جتوئي سميت ڪيئي ميمبرن، ايڊيٽرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.