ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ترجمان سنڌ سرڪار ۽ صلاحڪار قانون ۽ ماحوليات بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت بدنيتي سان گڏ صوبائي معاملن ۾ دخل اندازي جي ڪوشش ڪئي آهي نااهل وفاقي حڪومت پنهنجو ڪم نٿي ڪري سگهي جنهن جي ڪري ايف بي آر جي گذريل اڍائي سالن ۾ ڪارڪردگي افسوسناڪ رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جيڪي کاتا نٿي هلائي سگهي انهن کي پرائيوٽائز ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا آهن. مان وزيراعظم پاڪستان کي ياد ڏياريان ٿو ته توهان ٻه نه هڪ پاڪستان جو واعدو ڪيو هيو پر توهان جي دور ۾ غريبن جا گهر ڊاهيا ويا پر ڪپتان جو گهر ريگيولرائز ڪيو ويو. هن چيو ته غريب کي اها سهولت به موثر ناهي پر 12 لکن ۾ وزيراعظم جو گهر بچايو ويو پر غريب جو گهر توهان ڊاهي ڇڏيندا هو. هن چيو ته 50 لک گهرن ۾ پهريون گهر وزيراعظم ٺاهيو آهي اهو ان جو ذاتي گهر آهي. هن چيو ته عمران خان دشمن حڪومت آهي جيڪڏهن وزيراعظم جو گهر 12 لکن ۾ ريگيولرائز ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻهو جو گهر ريگيولرائز ڇو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت قانون تي يقين رکندي آهي ۽ گذريل اڍائي سالن کان وفاقي حڪومت آئين جي پامالي ڪري رهي آهي. سنڌ جي گهريلو صنعتي صارفين وٽرانسپورٽر گيس بحران مان متاثر ٿي رهيا آهن. ترجمان سنڌ سرڪار انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان ۾ گيس جي في ڏينهن پيداوار ۾ 68 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿي پر سنڌ جي ضرورت 24 مان 14 سو ايم ايم سي ايف ڊي آهي ۽ اسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ پيدا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو هيو پر اسد عمر ورڪرز سان گڏ اٿي بيهڻ جو واعدو ڪيو هيو ۽ انهن حالات ۾ ساڍا 4 هزار مزدورن کي زبردستي ڪڌيو ويو ۽ هاڻي ريلوي نه هلائڻ جا اعلان ڪري رهي آهي.