ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات ۽ پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جڏهن کان پي ٽي آئي وارن جي وفاقي حڪومت آئي آهي تڏهن کان اپوزيشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. سياسي قيادت خلاف پهرين ڏينهن کان ڪارروايون جاري آهن ۽ انهن خلاف ڪوڙا ڪيس بڻايا پيا وڃن. جيڪڏهن حڪومت وڌيڪ گرفتاريون ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون. حڪومت کي گهرجي قومي ايشوز تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ پارليامينٽ کي ڊيبيٽ جو پليٽ فارم بڻايو وڃي. اها ڳالهه هن اڄ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ٽن ڏينهن واري ٽِين پاڪستان ٽريول مارٽجي نمائش 2019 جو افتتاح ڪندي ڪيو. ياد رهي ته هيءَ سنڌ حڪومت پاران ٽِين عالمي سياحتي نمائش آهي جنهن ۾ ان شعبي جي 110 عالمي ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن. سعيد غني ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هڪ سال کان اپوزيشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي پر اسان جو آواز بند نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ماڻهو مهانگائي جي ڪري مري رهيا آهن پر حڪمرانن کي ڪنهن جو احساس ناهي ۽ اهي انتقامي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. هن چيو ته جي يو آئي ايف پُر امن احتجاج ڪرڻ چاهي پئي ته ان کي احتجاج ڪرڻ ڏنو وڃي. پي ٽي آئي اپوزيشن جي دور ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايوويو. هاڻي پي ٽي آئي وارا پنهنجي عمل کي حلال ۽ ٻئي جي عمل کي حرام سمجهن ٿا. سنڌ حڪومت پر امن احتجاج ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به نه روڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گٽڪي جي ڪري ڪينسر جا ڪيس وڌندا پيا وڃن. اسان جو ڪم آهي گٽڪو کائڻ ۽ گٽڪو ٺاهڻ وارن کي روڪيو وڃي