ڪراچي (هه آ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت حج تي سبسڊي ختم ڪري عوام کان بدلو ورتو آهي ۽ وزيراعظم جو فيصلو به ٻٽي معيار هئڻ جو کليل ثبوت آهي جيڪو چوندو هو ته مديني جهڙي رياست ۾ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا هوندا. حج جهڙي تمام مقدس فريضي تي سبسڊي واپس وٺڻ تي عوام حيران آهي ته وفاقي حڪومت جي اها ڪهڙي پاليسي آهي جو حج جهڙي اهم فريضي جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم پاڻ ته جيٽ جهازن ۾ گهمن ٿا پر عوام لاءِ حج فريضي جي ادائيگي به ڏکي ڪري ڇڏي آهي الله تعاليٰ اهڙي ناڪام ۽ نڪمي حڪومت کان عوام کي بچائي. هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، آئي ڏينهن ضرورت ۽ روزمره جي شين جي اگهن کي وڌايو پيو وڃي، دوائن جون قيمتون به وڌايون ويون آهن، گيس، بجلي ۽ پاڻي اڻ لڀ ڪيو ويو آهي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. هڪ حج جهڙو مقدس فريضو ئي هو جنهن ۾ عوام کي سبسڊي ڏني ويندي هئي پر اهو به هاڻي ختم ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فواد چوڌري جهڙا سياسي ڏيڏر پنهنجي مستقبل جو فڪر ڪن.