اسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي اقليتن جي فلاح ۽ بهبود کان سواءِ رياست مديني جو خواب پورو نه ٿي سگهندو پنهنجي بيان ۾ شبلي فراز چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ اهميت وارو آهي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ حڪومت هن خواب جي ساڀيان لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.