ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ڪوٽڙي جي علائقي سائيٽ جي رهواسڻ نجمه چانڊيو پاران بک ۽ بيماري کان تنگ اچي ڪي بي فيڊر ۾ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته وسيلن سان مالا خوشحال سنڌ جا واسي حڪمرانن جي عياشين، ڪرپشن ۽ غلط پاليسين سبب بکون ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو اچي پر افسوس ته حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن ۽ فقط ڊرائنگ روم سياست پيا ڪن. سيد جلال محمود شاهه اسپتال انتظاميا جي اهڙي روش تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسپتال انتظاميا کي مريضن کي دوائن سميت ٻيون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. سيد جلال محمود شاهه، سنڌ حڪومت ۽ خاص طور وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تي زور ڀريو ته ڄامشورو ضلعو سندس اباڻو ضلعو آهي، جتي پاڻي، بجلي ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ آهي، جنهن لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.