اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرپٽ ماڻهو آهي ۽ آئون پنهنجي موقف تي قائم آهي. جيڪڏهن توهان ڪرپٽ کي وڏو ڪرپٽ نه چوندا توهان اهو ظلم ڪري رهيا آهيو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نئون پاڪستان ٺهندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مخالف ڌر وارو ڪم ڪري رهيو آهيان. سپريم ڪورٽ جا جج ڪيس کي تفصيل سان ٻڌي رهيا آهن ۽ سب کي پورو ٽائيم ڏئي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نئون پاڪستان بڻجندو، آءِ ايم ايف کان گذريل ٽن سالن دوران جيترو قرض ورتو ويو اوترو ئي پيسو ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ هڪ دستاويز کان وڌيڪ ٻيو ڪو به اهڙو دستاويز ناهي جنهن کي عدالت کي تصديق ڪرائڻي پوي.